سنڌي ساهت منڊل

سنڌي ساهت منڊل: سنڌي ساهت منڊل شڪارپور بولچند وسومل راجپال (ايڊيٽر سنڌو) 1933ع ۾ قائم ڪيو. هن منڊل پاران شيوا رام پالچند لالا جوڪتاب ’ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون‘ ۽ مسٽر روچيرام گنگارام سڏاڻيءَ جو ڪتاب ’آزاد خيال زالون‘ شايع ٿيا. هي ڪتاب تعليم کاتي پاران 31 مارچ 1936ع تي اسڪول ماسترن ۽ ٻارن جي لئبريرين لاءِ منظور ڪيا ويا ۽ پوءِ نومبر 1936ع ۾ وري سيڪنڊري اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب ۽ پرائمري ماسترن ۽ شاگردن جي لائبريري لاءِ منظور ڪيا ويا. نومبر 1935ع ۾ مسٽر بولچند راجپال ’سنڌو‘ رسالو ميان جي ڳوٺ منتقل ڪيو ته سنڌي ساهت منڊل به هتان منتقل ڪيو ويو. هن منڊل جي سڀاپتي راجپال سنڌ جي شاعرن جوتمام گهڻو قلمي ڪلام هٿ ڪيو هو، جنهن کي هو شايع ڪرڻ لاءِ سنواري، وقت بوقت انهن جو انتخاب سنڌو رسالي ۾ شايع ڪندو هو. هو مختلف شاعرن جي ڪلام ڇپائڻ لاءِ پروگرام به رٿي چڪو هو، پر ٻي جنگ عظيم کان پوءِ ڪاغذ جي کوٽ سبب سندس ڪا به رٿا عمل هيٺ اچي نه سگهي. ان ڪري سمورو قلمي ذخيرو پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيائين، پر ورهاڱي کان پوءِ اهو املهه خزانو ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪيڏانهن ويو.


لفظ سنڌي ساهت منڊلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو